سنڌ حڪومت وفاق ۽ ارسا کي هڪ ٻيو احتجاجي خط موڪليندي شڪايت ڪري ڇڏيو
لاهور (نيشنل ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي اعتراضن باوجود تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال مان پاڻي کڻت جو عمل وڌايو ويو.
پنجاب حڪومت گذريل رات هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت وفاق ۽ ارسا کي هڪ ٻيو احتجاجي خط موڪليندي شڪايت ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو جو خط ۾ چوڻ آهي ته تونسا پنجند ڪئنال ذريعي سنڌو درياهه مان 3800 ڪيوسڪ پاڻي کنيو پيو وڃي.
پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي جهلم ۽ چناب زون کي ڏيڻ بدران سنڌو درياهه جو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي.
ڄام خان شورو پاران وفاق ۽ ارسا کي لکيل ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سکر بئراج تي 4000 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 2300 ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي.