سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هڪ صديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪئنال رٿائن خلاف قومي اسيمبليءَ کان پوءِ سينيٽ ۾ به ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو.
پ پ پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هڪ صديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
چولستان ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو رٿائن، چولستان ۽ گريٽر سان پڇڙيءَ واري صوبي سنڌ تي گهڻو اثر پوندو،
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران سينيٽ ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ اڳ ئي پاڻي کوٽ ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهي آهي.