تازہ ترین

سنڌ حڪومت جو تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ تي ارسا اڳيان سخت احتجاج

سنڌ هن وقت 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي: ڄام خان شورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جو تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ تي ارسا اڳيان سخت احتجاج.

سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو ارسا کي خط لکي ٽي پي لنڪ ڪئنال فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌ هن وقت 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته پنجاب جي ڪئنالن ۾ 54 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌندي.

سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته هن وقت ٽي پي ڪئنال کولڻ سنڌ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.