تازہ ترین

سنڌوءَ مان نڪرندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري

اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه کان حيدرآباد تائين پيادل مارچ، سنڌ دشمن رٿا خلاف سخت نعريبازي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ مان نڪرندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري.

قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه کان حيدرآباد تائين پيادل مارچ، سنڌ دشمن رٿا خلاف سخت نعريبازي.

خيرپور ۾ آل سنڌي شاگرد اتحاد پاران درياهه تي ڌاڙي خلاف مظاهرو، مظاهري ۾ غير قانوني ڪئنالن گرين انيشي ئيٽو خلاف سخت نعاريبازي.

سکر ۾ ليڪچراز ايسوسيئيشن طرفان تڪراري ڪئنال رٿا خلاف لوڪس پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي، ماڻهن جو وڏو انگ شريڪ.

بدين ۾ 6  نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف ايس ٽي پِي جي سڏ تي ڌرڻو، پير چوڪ ٿرڪول روڊ تي ھزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا، ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

اڳواڻن چيو ته بدين ۽ ساحلي پٽي ۾ ڪيترن ئي ورهين کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آھي، سازشون ڪري سنڌو درياهه مان وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.