تازہ ترین

ڪيس کان سواءِ نه گرفتار ڪري سگھجي ٿو نه ئي عدالتي حڪم کان سواءِ حراست ۾ رکي سگھجي ٿو: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت انٽراڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت انٽراڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻيءَ دوران جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ايف آءِ آر کان سواءِ نه گرفتاري ٿي سگھي ٿي نه ئي مئجسٽريٽ جي آرڊر کان سواءِ ڪنهن کي حراست ۾ رکي سگھجي ٿو.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت انٽراڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي جواب الجواب جا دليل جاري رکيا.

جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ائڪٽ ۾ به ڪجھه بنيادي حق ڏنا ويا آهن، رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار نوڪري مان ڪڍڻ خلاف سروس ٽربيونل سان رابطو ڪندا آهن.

جسٽس جمال مندو خيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا پوليس ۾ آءِ جي اپيل ٻڌندو آهي، يا ايس پي ڪيس هلائيندو آهي؟

ڀارت ۾ به آزاداڻا فورم دستياب آهن، ايف آءِ ار کان سواءِ نه گرفتاري ٿي سگھي ٿي نه ئي مئجسٽريٽ جي آرڊر کان سواءِ ڪنهن کي حراست ۾ رکي سگھجي ٿو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.