تازہ ترین

مستونگ: پوليس گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 3 اهلڪار شهيد، 19 ڄڻا زخمي

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پاران ڌماڪي جو نوٽيس، رپورٽ طلب ڪري ورتي

مستونگ (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ويجهو پوليس گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي اهلڪار شهيد جڏهن ته 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 2 اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سندس چوڻ آهي ته زخمين جي علاج ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، بلوچستان حڪومت شهيدن سان گڏ بيٺل آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.