اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ خاص ٽيڪنالاجيز زونز ترميمي بل جي منظوري پڻ ڏني ويندي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، سوسائٽيز رجسٽريشن آرڊيننس ۾ واڌ بابت ٺهراءُ پيش ٿيندو.
اڄ شام جي اجلاس ۾ فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن ترميمي بل به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ خاص ٽيڪنالاجيز زونز ترميمي بل جي منظوري ڏني ويندي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جون رپورٽون به ايوان ۾ پيش ٿينديون.