تازہ ترین

ايران ۾ 8 پاڪستانين جي مارجڻ واري واقعي تي وزيراعظم پاران ڏک جو اظهار

ايراني حڪومت کي فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار  ڪري کين سخت سزا ڏيڻ گهرجي: شهباز شريف

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ايران جي صوبي سيستان ۾ 8 پاڪستاني مارجي وڃڻ واري واقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڏک جو اظهار ڪندي مڙهه ڏيهه واپس آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ايران جي صوبي سيستان جي علائقي مهرستان ۾ ورڪشاپ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 8 پاڪستانين کي قتل ڪري ڇڏيو.

ايراني ميڊيا موجب، ايراني اختياريون معاملي جي جاچ ڪري رهيون آهن، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه پاڪستان اماڻيا ويندا.

وزيراعظم شهباز شريف ايران ۾ 8 پاڪستانين جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايراني حڪومت کي فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار  ڪري کين سخت سزا ڏيڻ گهرجي.

وزيراعظم شهبازشريف چيو ته خطي جي ملڪن کي دهشتگردي خلاف هڪ گڏيل حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته پاڪستانين جي خاندانن ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪري مقتولن جي لاشن جي محفوظ واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، مارجي ويلن جا لاش ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ هو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.