تازہ ترین

سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

ملير، رتيديري، دوڙ، وارهه، نئون امرٽو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ قومپرست ڌرين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا.

ملير، رتيديري، دوڙ، وارهه، نئون امرٽو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڌرڻا پڻ هنيا ويا.

ڪڍڻ ۾ واپاري اتحاد ۽ ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءَ واسين جو جياپو آهي، جيڪڏهن وفاق سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سنڌ جي سرزمين بنجر بڻجي ويندي.

هنن وڌيڪ چيو ته ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.