پشاور جي ٽي روڊ تي هٿياربندن ايڪسائيز کاتي جي اهلڪارن تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني
پشاور (نيشنل ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايڪسائيز کاتي جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پشاور جي ٽي روڊ تي هٿياربندن ايڪسائيز کاتي جي اهلڪارن تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر فاروق باچا، ڪانسٽيبل افتخار ۽ مجاهد شهيد ٿي ويا.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪارن جا لاش اسپتال منتقل ڪري، علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.