تازہ ترین

پي ايس ايل 10 جي افتتاحي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز کي هارائي ڇڏيو

اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز طرفان ڏنل 140 رنسن جو حدف 18هين اوور ۾ حاصل ڪري افتتاحي ميچ کٽي ورتي

راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپئنز اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز طرفان ڏنل 140 رنسن جو حدف 18 هين اوور ۾ حاصل ڪري افتتاحي ميچ کٽي ورتي.

لاهور قلندرز جي ٽيم آخري اوور ۾ 139 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، قلندرز جي عبدالله شفيق 66 رنسن جي اننگ کيڏي ۽ 3 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هنيا، سڪندر رضا 23 جڏهن ته حارث رئوف 10 رنسون ۽ محمد نعيم 8 رنسون ٺاهي سگھيا.

شاهين آفريدي ۽ آصف آفريديءَ 2،2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سيم بلنگز، جهانداد خان ۽ ڊيوڊ يسا زيرو تي آئوٽ ٿي ويا.

اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز جو 140 رنسن جو حدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 18 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان ڪولن منرو 59 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، هن هڪ ڇڪو ۽ 7 چوڪا هنيا جڏهن ته سلمان علي آغا 41 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيو.

ان کان سواءِ صاحبزاه فرحان 24 بالن تي 25 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 3 ڇڪا شامل هئا.

لاهور قلندرز طرفان آصف آفريدي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. پي ايس ايل جي ٻين ۽ اڄوڪي ميچ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي پئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.