پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن سان گڏ آهي، پارٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ٺٽو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪئنالن جي معاملي تي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته حڪومت ڇڏڻ جو آپشن موجود آهي.
پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن سان گڏ آهي، پيپلز پارٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڻي جياپو آهي، ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏنا ويندا.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو محسن هائوس ٺٽو تي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪينالن جو منصوبو 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي دور ۾ شروع ٿيو.
2018ع کان هن وقت تائين ڪينالن تي هڪ انچ به ڪم ناهي ٿيو، عالمي قانون تحت پاڻي تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي، سنڌو درياهه تي حق سنڌ جي عوام جو آهي.