ٻڌڻي جوابدار ڌر جا وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ملتوي ٿي
دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي جوابدار ڌر جا وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ملتوي ٿي وئي.
عدالتي ٻڌڻي تي فريادي امام رباب چانڊيو ۽ ڪيس ۾ نامزد سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا عدالت پيش ٿيا،
عدالت اڳيان ٻڌڻيءَ تي جوابدار ڌر جا وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.