تازہ ترین

مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا قتل

پني عاقل ۾ پراڻي تڪرار تان پوليس اهلڪار مارجي ويو، غوثپور ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل ٿيو، خيرپور ۾ سئوٽ هٿان سئوٽ قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا قتل.

پني عاقل ڀرسان ڪلوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار علي خان ڪلوڙ مارجي ويو، پوليس موجب ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هو.

غوثپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو.

غوثپور ويجھو ڳوٺ محمد حيات اوڳاھي ۾ جهيڙي دوران ظهير اوڳاهي گولين جو کاڄ بڻجي ويو.

هوڏانهن خيرپور  ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، سروٽا لڳڻ سبب آصف علي منگي قتل ٿي ويو.

ٻئي طرف ڌاٻيجي ويجهو آچار سالار ڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عبدالستار بگٽي مارجي ويو، سندس پٽ عظمت الله بگٽي زخمي ٿي پيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.