تازہ ترین

پاڪستان دهشتگرد گروپن وٽ رکيل هٿيارن خلاف عالمي ڪارروائي جو مطالبو

پاڪستان پاران ٽي ٽي پي، بي ايل او، مجيد برگيڊ ۽ دهشتگرد گروپن وٽ جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن جي حاصلات ۽ استعمال تي ڳڻتي ظاهر

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪستان دهشتگرد گروپن وٽ رکيل هٿيارن خلاف عالمي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي آريا فارمولا اجلاس.

پاڪستان طرفان پابندي پيل ٽي ٽي پي، نام نهاد بلوچ لبريشن آرمي ۽ مجيد برگيڊ سميت دهشتگرد گروپن پاران جديد ۽ خطرناڪ غير قانوني هٿيارن جي حاصلات ۽ استعمال تي گهري ڳڻتي جو اظهار.

پاڪستاني مشن جي ڪائونسلر سيد عاطف رضا چيو ته دهشتگرد گروپن وٽ افغانستان ۾ اربين ڊالرن جا غير قانوني هٿيار آهن، جيڪي پاڪستاني شهرين ۽ هٿياربند فوج خلاف استعمال ٿي رهيا آهن.

دهشتگرد تنظيمن کي مخالف ملڪ کان به مالي مدد ملندي آهي، عالمي اتحادين کي افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيارن جا ذخيرا واپس وٺڻ گهرجن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.