سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جون احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ مان نوان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف درياهه ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جون احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا.
باڊهه لڳ ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
دوڙ ۾ سول سوسائٽي جي سڏ تي 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ، فريدآباد ۾ مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي سموري سنڌ رد ڪري چڪي، بنادير سنڌ دشمن منصوبن جو فيصلو واپس ورتو وڃي.