پاڻي جو مسئلو سي سي آءِ ۾ ويندو آهي، تڪراري ڪئنالن کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو آهي: سنڌ جو وڏو وزير
سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪئنالن تي هڪ رپيو به خرچ ناهي ٿيو، اسان تڪراري ڪئنال رٿا خلاف بيٺا آهيون.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئين موجب صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو به منصوبو نٿو ٺهي سگهي.
هن چيو ته پاڻي جو مسئلو سي سي آءِ ۾ ويندو آهي، تڪراري ڪئنالن کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو آهي.
پنجاب وارا به پڇن پيا ته ڪهڙي ڪئنال مان ڪٽوتي ڪئي ويندي؟ ڪئنالن واري معاملي تي پ پ خلاف واويلا ڪئي وئي.
مراد علي شاهه چيو ته جنهن سهاري تي منصوبو بيٺل هو اهو ڪري پيو آهي، 25 ورهين جي رڪارڊ موجب رڳو 4 سال وڌيڪ پاڻي موجود هو.
سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته وفاق جي حڪومت پ پ جي سهاري بيٺل آهي، وفاقي حڪومت به ڄاڻي ٿي ته پ پ ڪئنال منصوبي جي حمايت نه ڪندي.
مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ چيو ته ڪئنالن جي حمايت نه ڪندا، ليڊرشپ جي هدايت تي عوام جي خدمت ڪريون پيا.