تازہ ترین

شهيد ڀٽو جي سوچ، قيادت، جرئت ۽ خدمت جو جذبو مشعل راهه آهي: شرجيل انعام ميمڻ

شهيد قائد عوام کي شعور، هارين، مزدورن سميت سڀني کي حق ڏنا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي گڏيل آئين ڏنو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد ڀٽو جي سوچ، قيادت، جرئت ۽ خدمت جو جذبو مشعل راهه آهي.

شهيد قائد عوام کي شعور، هارين، مزدورن سميت سڀني کي حق ڏنا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي گڏيل آئين ڏنو.

شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ سينيئر صوبائي وزير چيو ته  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو.

شهيد ڀٽو اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي مسلمانن کي گڏ ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سازش تحت عدالتي قتل جو نشانو بڻايو ويو.

شرجيل ميمڻ چيو ته تاريخ ثابت ڪيو ته سچ کي ڪڏهن به دٻائي نٿو سگهجي، شهيد ڀٽو جو نالو اڄ به عدل، انصاف ۽ عوام جي حقن جي علامت آهي.

هن چيو ته صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري شهيد جي مشن کي اڳتي وڌائن پيا، قوم کي شهيد ڀٽو جي نظريي ۽ فڪر تي هلڻ گهرجي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.