تازہ ترین

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ لاءِ وڏيون خدمتون پيش ڪيون: محمد بخش مهر/ذوالفقار شاهه

شهيد ڀٽو ملڪ لاءِ وڏيون خدمتون پيش ڪيون، ملڪ کي آئين ۽ ايٽمي طاقت بڻائڻ جھڙا عظيم ڪارناما ڪيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ لاءِ وڏيون خدمتون پيش ڪيون، ملڪ کي آئين ۽ ايٽمي طاقت بڻائڻ شهيد قائد جا عظيم ڪارناما آهن.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارين ۽ غريبن کي تاريخي حق ڏنا.

محمد بخش مهر چيو ته شهيد ڀٽو اسلامي دنيا سان لاڳاپا مضبوط ڪيا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي کوٽ اڄ به محسوس ٿي رهي آهي، شهيد ڀٽو جي نظرئي ۽ خدمت کي هميشه ياد رکيو ويندو.

ٻئي طرف  صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته  مظلوم ۽ غريب عوام جي عظيم قائد شهيد ڀٽو کي خراج پيش ڪريان ٿو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاندان جي قرباني سان ملڪ ۽ قوم کي مضبوط بڻايو، قائد عوام اسٽيل ملز جهڙا منصوبا ڏئي معيشت مضبوط ڪئي، شهيد ڀٽو عوام کي سڃاڻپ، سياسي شهور ۽ ووٽ جو حق ڏنو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.