پوري قوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: جاري ڪيل پيغام
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته 4 اپريل شهيد ڀٽو جي عزم ۽ وفا جي عظيم مثال جو ڏهاڙو آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته پوري قوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.
شهيد ڀٽو شڪست کاڌل قوم کي نااميدي جي دلدل مان ڪڍيو. 71ع جي سانحي بعد شهيد ڀٽو ملڪ ۽ قوم جي قيادت سنڀالي.
سيد ناصر شاهه چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان جي معيشت، زراعت ۽ صنعت ۾ انقلاب آندا، قائد عوام پاڪستان کي ترقي پسند ۽ مضبوط آئين ڏنو.
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۽ ڀارت کان قيدي ڇڏائڻ عظيم ڪارناما آهن.