پاڪستان ايندڙ آءِ ايم ايف وفد ناڻي واري وزارت جي اختيارين سان گڏجي بجيٽ تجويزن تيار ڪندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جو وفد اڄ پاڪستان پهچندو، وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن جو جائزو وٺندو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد ناڻي واري وزارت جي اختيارين سان گڏجي بجيٽ تجويزن تيار ڪندو.
وفد ٽيڪس روينيو قدمن تي ڳالهيون ڪندو، خرچن تي ڪنٽرول ۽ ترقياتي خرچن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
وفد پاران آءِ ايم ايف جي واعدن تي عمل جي جائزي وٺڻ کان پوءِ قرض جي ايندڙ قسط جو فيصلو ڪيو ويندو.