ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي 46 هين ورسي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملهائي، ويندي، فول سيڪيورٽيءَ جا انتظام
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.
ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار سامھون وڏو پنڊال سجايو ويو، جلسي جي اسٽيج تيار، جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.
ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي رهيا آهن، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ آجياڻو ڪئمپون قائم، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا.