تازہ ترین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غريب ملڪن مٿان ڳرا ٽيڪس مڙهي ڇڏيا

آمريڪي صدر پاران ڳرا ٽئڪس مڙهيل ملڪن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت به شامل

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غريب ملڪن مٿان ڳرا ٽيڪس مڙهي ڇڏيا.

وائيٽ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ آمريڪا لاءِ سٺو ثابت ٿيندو.

25 ملڪن تي نئون ٽيرف لاڳو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان، آمريڪا کان 58 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙي ٿو، جنهن ڪري ان تي 29 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ڪيو پيو وڃي.

ڀارت تي 25 سيڪڙو ۽ بنگلاديش تي 37 سيڪڙو ٽيرف لڳو ٿيندو، ويٽنام تي 46 سيڪڙو، تائيوان تي 32 سيڪڙو ٽيرف لاڳو.

ڏکڻ ڪوريا تي 25 سيڪڙو، ٿائيلينڊ تي 36 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ تي تي 31 سيڪڙو، انڊونيشيا 32 ۽ ملائيشيا تي 24 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.

آمريڪي صدر ٽرمپ موجب ڪمبوڊيا تي 49 سيڪڙو، ڏکڻ آفريڪا تي 30 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿيندو.

سڀني درآمدات تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، پرڏيھي گاڏين تي 25 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳايا ويا آھن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.