تازہ ترین

گڏيل قومن جي سيڪريٽري طرفان عيد الفطر تي دنيا جي مسلمانن کي واڌايون

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس طرفان عيد الفطر جي موقعي تي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏني.

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس طرفان عيد الفطر جي موقعي تي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد، امن، خوشحالي ۽ يڪجهتي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار.

جاري ڪيل بيان ۾ انتونيو گوتريس، جنگ، تڪرار ۽ لڏ پلاڻ سبب پنهنجن خاندانن سان عيد نه ملهائيندڙن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

انتونيو گوتريس چيو ته هي مبارڪ موقعو اسان کي اتحاد، رحم ۽ انسانيت جي واڌاري جو سبق سيکاري ٿو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته عيد الفطر جو پاڪ ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته امن ۽ ٻڌي کان سواءِ خوشحالي ناممڪن آهي.

هو دعا ٿو ڪري ته دنيا جا مسلمان پنهنجن خاندانن سان خوشي جون گهڙيون گذاري سگهن ۽ انهن لاءِ سولائي ٿئي جيڪي ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.