تازہ ترین

آمريڪا جي دوري دوران ٽرمپ انتظاميا سان جامع ملاقاتون ٿيون: طارق فاطمي

آمريڪا تي واضح ڪيو آهي ته ڪڏهن به دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي: ڳالهيون

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص ٻانهن ٻيلي طارق فاطمي چيو آهي ته آمريڪا جي دوري دوران ٽرمپ انتظاميا سان جامع ملاقاتون ٿيون.

نئين انتظاميا جي اچڻ سان ملڪن جا بنيادي مسئلا تبديل نه ٿيندا آهن، آمريڪا کي گهربل دهشتگرد حوالي ڪرڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي وئي.

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار طارق فاطمي خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته آمريڪي صدر جا دهشتگردي خلاف اهم بيان سامهون آيا آهن.

هنن آمريڪا تي واضح ڪيو آهي ته ڪڏهن به دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي.

وزيراعظم شهباز شريف پاڙيسري ملڪن سان بهترين معاشي سهڪار چاهي ٿو، ايندڙ 3 کان 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري اچڻ جو امڪان آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.