تازہ ترین

سنڌ سرڪار پاران پاڻي جي ورڇ ۽ چولستان ڪئنال معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي خط

سنڌ سرڪار پاڻي جي ورڇ ۽ تڪراري منصوبي چولستان ڪئنال واري معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وفاقي سرڪار حڪومت کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاڻي جي ورڇ ۽ تڪراري منصوبي چولستان ڪئنال واري معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي خط لکي ڇڏيو.

ارسا پاران چولستان لاءِ اضافي پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ 91 واري پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار .

خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، خريف جي فصل جي پوکائي ناممڪن بڻجي رهي آهي.

پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ زراعت ۽ ماحولياتي نظام تي ناڪاري اثر وجهي پئي، پنجاب کي نوان ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏيڻ سان سنڌ جي حصي تي بار پوندو.

سي سي آءِ فوري چولستان پروجيڪٽ لاءِ ارسا جو جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ رد ڪري، پاڻي جي ورڇ تي اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ تائين منصوبي کي روڪيو وڃي.

جيڪڏهن سنڌ جو مطالبو نه مڃيو ويو ته صوبائي سطح تي سياسي تڪرار، احتجاج ۽ قانوني ويڙهه جا امڪان وڌي سگهن ٿا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.