تازہ ترین

وزيراعظم جي صدارت ۾ صوبائي وزير ۽ هٿياربند قيادت سان سيڪيورٽي بابت اجلاس

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ صوبائي ۽ هٿياربند قيادت سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ دشمن مهم جو روايتي ۽ ڊجيٽل طريقي سان جواب ڏيڻ جو فيصلو.

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ صوبائي ۽ هٿياربند قيادت سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ دشمن مهم جو روايتي ۽ ڊجيٽل طريقي سان جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب دهشتگرديءَ خلاف حڪومت جي واضح موقف تي گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هٿياربند ۽ سول قيادت، چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا نمائندا به شريڪ ٿيا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙن کي دنيا جي سامهون وائکو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، روايتي ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي ملڪ دشمن مهم جو اثرائتو جواب ڏنو وڃي.

اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت قومي بيانيي کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، فيصلو ٿيو ته دهشتگردن ۽ شر پکيڙيندڙن جي روڪٿام لاءِ اثرائتو سرگرم بيانيو جوڙيو وڃي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي بيانيي ۽ ملڪ جي سلامتيءَ جي خلاف ڪنهن به قسم جي مواد جي روڪٿام جو بندوبست ڪيو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ هم آهنگي لاءِ سمورن صوبن جو سهڪار ۽ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته قومي بيانيو نوجوانن تائين پهچائڻ لاءِ فلم ۽ ڊرامن ۾ قومي موضوع اپنايا ويندا، چارئي صوبا فلم ۽ ڊرامن ۾ دهشتگردن جي بيانيي جو اثرائتو مقابلو ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.