تازہ ترین

آءِ ايم ايف جي پاڪستان کي 1.3 ڪلائميٽ فئنانسگ تحت هڪ ارب ڊالر ملڻ جي تصديق

آءِ ايم ايف پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ڪلائميٽ فئنانسنگ جي تحت ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ڪلائميٽ فئنانسنگ جي تحت ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزيڪ چيو ته پاڪستان سان اي ايف ايف ۽ ڪلائميٽ فئنانسنگ تي الڳ الڳ فنڊز جي فراهمي تي ڳالهه ٻول ٿي، ڪلائميٽ فئنانسنگ تي ڳالهيون ڪاميان ٿيون.

هن چيو ته ڪلائميٽ فئنانسنگ ۾ 1.3 ارب ڊالرز 28 مهينن ۾ فراهم ڪيا ويندا، پاڪستان سان 37 مهينن جو ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيلٽي پروگرام سيپٽمبر ۾ طئي ٿي چڪو آهي.

ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيبلٽي پروگرام ۾ 7 ارب ڊالر قسطن ۾ ملڻا آهن، پاڪستان لاءِ نئين قسط جي لاءِ اسٽاف ليول تي معاهدو 25 مارچ تي ٿيو هو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان اي ايف ايف پروگرام ۾ پهريون جائزي اجلاس ۾ ڪامياب ويو آهي، ڪامياب جائزي وارين ڳالهين کان پوءِ پاڪستان کي 1 ارب ڊالر ملندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.