تازہ ترین

بلوچستان ۽ پنجاب ۾ روڊ حادثن ۾ 10 مسافر فوت، 50 کان وڌيڪ زخمي

بلوچستان ۽ پنجاب ۾ روڊ حادثن ۾ 10 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته  50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان ۽ پنجاب ۾ روڊ حادثن ۾ 10 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته  50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

قلات ويجهو 2 مسافر بسون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن دوران 5 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 20 مسافر زخمي ٿي پيا.

ليويز اختيارين موجب حادثي جو شڪار هڪ بس ڪوئيٽا کان ڪراچي ۽ ٻي بس ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

چڪوال ۾ موٽر وي ايم 2 تي مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر حياتي وڃائي ويٺا، 30 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل ڪيا ويا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.