صحبت پور ڀرسان زميني تڪرار تان گهر تي هٿياربندن جو حملو، هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڄڻا قتل
صحبت پور (ويب ڊيسڪ) صحبت پور ڀرسان زميني تڪرار تان گهر تي هٿياربندن جو حملو، هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڄڻا قتل.
آر ڊي 238 پوليس ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪيو، فائرنگ ۾ شيخ برادري جي هڪ ئي ڪٽنب جا 7 گهر ڀاتي مارجي ويا.
مارجي ويلن ۾ هڪ ٻارڙي به شامل، جوابدار قتل جي واردات ڪرڻ کان پوءِ مقتولن جي گهر کي باهه ڏئي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.