سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي.
ميرپور ساڪرو ۾ پوليس چوڪي کان مين بس اسٽاپ ٻھارا تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پنجاب حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ ڪارڪنن جو مظاهرو ڪيو، هالاڻي ۾ شهرين جو احتجاج، سانگهڙ ۾ اسڪولي شاگردن ريلي ڪڍي ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي.
هوڏانهن ڪرونڊي ۾ به اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ شهرين جي وڏي انگ سنڌوءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي نعريبازي ڪئي.