تونسا ڀرسان پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو
ڊيرا غازي خان (نيشنل ڊيسڪ) تونسا ڀرسان پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب جُهنگي ۾ دهشتگردن جو پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني.
حملي ۾ پوليس فورس جو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، سندس ساٿي فرار ٿي ويا