نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سلامتي ڪائونسل کي غزا ۾ اسرائيلي اڳرائيءَ خلاف فيصلائتو قدم کڻڻو پوندو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشي کي اولهه ڪناري تائين پکيڙي ڇڏيو آهي.
اسرائيلي ناڪابندي سبب غزه جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي بک جو شڪار آهي.
اسرائيل غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ فوري طور تي فوجي ڪارروائي بند ڪري ۽ مستقل جنگ بندي قائم ڪري.