تازہ ترین

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ بجيٽ کان اڳ وارو بحث، ميمبرن پاران مختلف تجويزون پيش

ٻارنهن فيبروري کان سنڌ جو زرعي پاڻي بند آهي، اهڙين حالتن ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان آباد علائقا ويران ٿيندا: اسيمبلي ميمبرز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ کان اڳ وارو بحث جاري، ميمبرن پاران مختلف تجويزون پيش، مسئلن جي نشاندهي.

تاج محمد ملاح چيو ته 12 فيبروري کان سنڌ جو زرعي پاڻي بند آهي، بدين واسي پاڻي کان سڪي رهيا آهن.

اهڙين حالتن ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان آباد علائقا ويران ٿيندا، پاڪستان هونئن ئي سرسبز آهي، سبز پروگرام ذريعي آباد علائقا ويران نه ڪيو.

ياسمين شاهه چيو ته بدين کي ڪيڊٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليج ڏنو وڃي، سيوريج جو نظام بحال ڪيو وڃي.

ارسلان پرويز چيو ته پي ايس 98 ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي، ٽينڪرز مافيا وسيلي پاڻي وڪرو ٿي رهيو آهي.

فرحان انصاريءَ چيوته جناح اسپتال ۽ سول اسپتال تي وڏو دٻاءُ آهي، گلشن اقبال ۾ وڏي اسپتال ٺاهي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.