تازہ ترین

سنڌ حڪومت پاران ڪينالن جي حقيقت ميڊيا تي آڻڻ لاءِ صحافين کي دورو ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران ڪينالن جي حقيقت ميڊيا تي آڻڻ لاءِ صحافين کي دورو ڪرائڻ جو اعلان.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪينالن جي حقيقت عوام آڏو آڻڻ لاءِ سنڌ جي صحافين کي عيد کانپوءِ پنجاب جو دورو ڪرايو ويندو.

سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو واضح موقف آهي ته ڪينال ٺهڻ نه ڏنا ويندا، قومي مسئلن تي سڀني پارٽين کي گڏ ٿيڻ گهرجي.

دهشتگردن جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي، شرم جوڳي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي گهرجي ها ته ان معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪري ها.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.