تازہ ترین

سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا.

ڄامشورو، ميرپورماٿيلو، ٽنڊو محمد خان، شهدادڪوٽ، خيرپور ۽ ننگرپارڪر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.

رتوديرو، اوٻاوڙو، ماتلي، جروار، ڀريا روڊ، ڳڙهي چاڪر، سجاول جوڻيجو، نئون دمبالو ۾ احتجاج، وارهه ۾ فنڪارن جو ڳائي وڄائي احتجاج.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي معيشت سنڌو درياهه تي دارو مدار رکي ٿي، جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

91ع واري معاهدي تحت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي، سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال نڪرڻ سبب سنڌ جي زمين بنجر بڻجي ويندي ۽ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.