تازہ ترین

ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران عيدالفطر تي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران عيدالفطر تي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم.

ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير پاران ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڪمشنرن کي غيرقانوني ڀاڙو وڌائيندڙن خلاف فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته عيد جي موقعي تي عوام کي اضافي مالي بار کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

اضافي ڀاڙو وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن کي به عوام جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.