تازہ ترین

تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي شهر شهر، گهٽي گهٽي جهر جهنگ احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي شهر شهر، گهٽي گهٽي جهر جهنگ احتجاج.

درياهن جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌوءَ کي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

تڪراري ڪئنالن خلاف سياسي سماجي قومپرست، ادبي تنظيمون، آبادگار، هاري ناري، وڪيل، صحافي، شاگرد، ٻارڙا توڙي ٻڍا روڊن تي نڪري آيا.

ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪٽي بندر  کان ڪارونجهر، ڪاڇي تائين احتجاج، احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا.

المنظر ڄامشوري سميت مختلف شهرن ۾ سنڌو درياهه تي گلن جي ورکا ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تڪراري ڪئنال منصوبي خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ جو وچن.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي مڪمل طور بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته بنادير سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇڏيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.