تازہ ترین

پ پ قيادت صوبي جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪري پئي، شفاف طريقي سان نوڪريون ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي خانگي هوٽل ۾ سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي پورٽل لانگچنگ واري تقريب ٿي گذري.

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا نوجوان پنهنجو پاڻ کي هن پورٽل ۾ رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، نوڪريون ڏيندڙ ادارا ۽ خواهشمند هن پورٽل تي رجسٽرڊ ٿين.

وڏي وزير چيو ته موقعا ملندا ته صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اضافو ٿيندو، پيپلزپارٽي هر اليڪشن ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن.

پيپلزپارٽي جي قيادت صوبي جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪري پئي، اسان نوجوانن کي شفاف طريقي سان نوڪريون ڏينداسين، ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ وارو منصوبو بلاو ڀٽو زرداري شروع ڪيو.

سي ايم سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 20 لک گهر ٺاهي رهي آهي، سنڌ حڪومت هميشه عوام کي سهولتون فراهم ڪيون آهن.

سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هنر جي سکيا جا موقعا فراهم ڪريون پيا، سنڌ حڪومت هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ به پيش ڪئي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.