تازہ ترین

اسان سنڌ ۾ ملازمت جي خواهشمند ماڻهن لاءِ پورٽل ٺاهيو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هاڻ ماڻهو لاڳاپيل شعبي بابت پنهنجي سي وي اپ لوڊ ڪري سگهندا.

سنڌ حڪومت جي انفارميشن کاتي جي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن ايپ ۾ رڳو پڙهيل لکيل نه پر  هنرمند به سي وي اپ لوڊ ڪري سگهن ٿا.

اسان سنڌ ۾ ملازمت جي خواهشمند ماڻهن لاءِ پورٽل ٺاهيو آهي، هن پورٽل سان رڳو سرڪاري نه پر خانگي ادارن ۾ به ملازمت جا موقعا ملندا.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پارٽي قيادت جي ويزن موجب ڪم ڪري پئي، سنڌ حڪومت صوبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

ٽرانسپورٽ کاتي عورت ڊرائيورز کي تربيت ڏني آهي، ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر ٺاهي ڏنا پيا وڃن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ساڍا 7لک گهر ٺهي چڪا آهن.

سنڌ حڪومت جي پورٽل لانچنگ واري تقريب ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه ۽ ٻيا تقريب ۾ موجود هئا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.