تازہ ترین

صدر آصف علي زرداري ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ناهي ڏني: ڄام خان شورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ڪينال ٺهي ويا ته سنڌ 60 لک ايڪڙ تي به پوکي نه ڪري سگهندو.

پنجاب 3 ڪروڙ ۽ سنڌ 60 لک ايڪڙن تي پوکائي ڪندو آهي، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، 6 ڪينالز لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟

سنڌ اسيمبيليءَ ۾ ڪئنالن خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ بعد ڳالهائيندي ڄام خان شورو چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ناهي ڏني.

هن چيو ته ڪو ثبوت آهي ته ڏيکاريو وڃي، جنهن صوبن کي خودمختياري ڏني، اهو ڪيئن ڪينالز جي منظوري ڏيندو؟

آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو جو سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڪينالز واري معاملي تي سنڌ ارسا سان گڏ نه آهي.

ارسا کي 1991ع جي پاڻي معاهدي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، صوبن کي 1991جي معاهدي تحت پاڻي نه پيو ملي، ارسا ڪينالز بابت جيڪو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، اهو واپس ورتو وڃي.

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته پيپلزپارٽي ڪينالن خلاف ڀرپور آواز اٿاري رهي آهي، ڪينالز ٺاهڻ سان وفاق کي نقصان  ٿيندو، جمهوري حق گهرڻ لاءِ نڪتاسين ته گهٽ وڌ ڳالهايو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.