تازہ ترین

جعفر ايڪسريس دهشتگرد حملو، آپريشن جاري 190 يرغمالي بازياب، 30 دهشتگرد مارجي ويا

بولان (نيشنل ڊيسڪ) ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي بعد فورسز جو آپريشن جار يآهي.

فورسز پاران هن وقت تائين 190يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو آهي جڏهن ته آپريشن دوران 30 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب آپگهاتي بمبار دهشتگرد معصوم ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن.

سڪيورٽي فورسز يرغمالين سبب انتهائي احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي.

دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجن سهولتڪارن سان رابطي ۾ آهن، سڪيورٽي فورسز ٽولين ۾ ورهايل دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان اڳ بازياب ڪرايل 107 مسافرن ۾ 58 مرد، 31 عورتون ۽ 15 ٻارڙا ٻڌايا پيا وڃن جڏهن ته 17 زخمين کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.