تازہ ترین

سنڌ سرڪار پاران سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار هڪ سال دوران ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا، 13 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪالر شپ ڏني وئي.

سال جي ڪارڪردگي بابت تقريب جي شريڪن سان ڳالهائيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته  هڪ لک 68 هزار هارين کي بينظير ڪارڊ ذريعي فائدو ڏنو ويو.

2 لک خاندانن کي سولر سسٽم ڏيڻ. جو منصوبو جاري آهي، ايندڙ سال تائين پنج لک خاندانن کي سولر يونٽ فراهم ڪيا ويندا.

وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن کي 20 لک گهر ٺاهڻ جو عمل به جاري آهي، سنڌ سرڪار ڊجيٽلائيزيشن ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن ذريعي ٻوڏ متاثر گهرن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا.

مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سال دوران روڊن جي اڏاوت جون 196 رٿائون مڪمل ڪيون ويون.

حيدرآباد، سکر، بدين، ٽنڊو الهيار ۽ ٿر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو آهي، سال اڳ ڪراچي ۾ شروع ڪيل پيپلز بس سروس هاڻي ڇهن شهرن ۾ هلي رهي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.