ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، وران هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ڌر سراپا احتجاج بڻيل آهي.
ڪوٽڙي ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي شاگردياڻين ريلي ڪڍي، ڪاليج جي پرنسپل سميت استادن به احتجاج ۾ شريڪ ٿيا.
کوسڪي جا شهري به روڊن تي نڪري آيا، واپارين ، سول سوسائٽي، مذهبي جماعتن، قوم پرستن ڌرين جو گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڏيرو لعل ۾ ڪاليج ۽ اسڪولن جي استادن، شاگردن ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، رتيديري ۾ وڪيلن احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.
لاڙڪاڻو، مانجهند، سامارو، نوان جتوئي، ٽنڊي آدم، نوشهروفيروز ۽ دڙي ۾ نون غير قانون ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنالن سميت ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ بدران غريب بي زمين ھارين ۾ ورھايون وڃن.