پشاور (نيشنل ڊيسڪ) ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي بعد فورسز جو آپريشن جاري.
155 يرغمال مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو جڏهن ته آپريشن دوران 27 دهشتگرد کي مارييو ويو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب آپگهاتي بمبار دهشتگرد معصوم ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن.
سڪيورٽي فورسز يرغمالين سبب انتهائي احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي.
دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجن سهولتڪارن سان رابطي ۾ آهن، سڪيورٽي فورسز ٽولين ۾ ورهايل دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي.