تازہ ترین

صدر آصف علي زرداري سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، جنهن دوران صدر آصف علي زرداري سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

پنهنجي خطاب دوران صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي حڪومت کي درخواست آهي ته صوبن سان گڏجي مسئلي جو حل ڪڍي، وفاق کي خبردار ڪيان ٿو ته اوهان جون ڪجهه پاليسيون دٻاءُ جو سبب بڻجنديون.

صدر آصف علي زرداريءَ وڌيڪ چيو ته صدر طور سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ٺاهڻ جي مخالفت ڪيان ٿو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.