تازہ ترین

فراڊ جا الزام بي بنياد آهن، بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: نازش جهانگير

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) اداڪارا نازش جهانگير پاڻ تي فراڊ جي الزامن لڳڻ کان پوءِ چيو ته مٿس لڳايل الزام بي بنياد ۽ پلانڊ آهن، مون کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پئسا اوڳاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

نازش جهانگير تازو هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پهريون ڀيرو پاڻ تي اسود هارون نالي آرٽسٽ طرفان لڳايل فراڊ وارن الزامن جي ترديد ڪئي.

هن چيو ته مون تي هڪ منصوبا بنديءَ تحت ڪوڙا الزام لڳائي منهنجو نالو ۽ ڪيريئر خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

اداڪارا چيو ته مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان سان گڏوگڏ مون کان بليڪ ميلنگ وسيلي پئسا وٺڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.