جدو (انٽرنيسنل ڊيسڪ) پاڪستان فلسطين تي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عرب منصوبي تحت غزا جي نئين سر تعمير جي حمايت.
او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان فلسطيني مسلمان ڀائرن سان گڏ آهي.
اسرائيل فلسطينين تي ظلم بند ڪري، او آءِ سي جي سربراهه فلسطينين جي جبري منتقلي واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو.