تازہ ترین

عورتون آبادي جو اڌ حصو، عورتن کي بااختيار بڻائڻ قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي: صدر /وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام جاري ڪيا آهن.

ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته عورتون اسان جي آبادي جو تقريبن اڌ حصو آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.

عورتن کي برابر حق ۽ موقعا ڏيندڙ معاشرا وڌيڪ خوشحال، پرامن ۽ جٽادار هوندا آهن معاشرتي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار جي اعتراف لاءِ عورتن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

اڄوڪي ڏهاڙي جو عنوان عورتن جي حقن تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيئي ٿو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتون سماج جون معمار ۽ گهرن جا ٿنڀ آهن، قوم جو مستقبل ٺاهڻ ۾ به انهن جو اهم ڪردار آهي.

عورتون سماجي ترقي، معيشت ۽ سياست ۾ هڪ اهم ٿنڀ آهن ۽ اسلام عورتن جي احترام توڙي حقن تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو.

عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي.

حڪومت عورتن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اڄ جو موضوع عورتن جي حقن، برابري ۽ بااختيار بڻائڻ جي عزم جي تصديق آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.