تازہ ترین

پي ٽي آءِ باني دهشتگردن کي پناهه ڏني، ڪي پي حڪومت پاڻ منهن ڏئي: خواجه آصف

سيالڪوٽ (نيشنل ڊيڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي وڙهي رهيو آهي.

دهشتگردي خلاف جنگ اسان شروع نه ڪئي هئي، آمريڪا دهشتگردي جو نالو وٺي عراق، لبيا ۽ افغانستان ۾ جنگ شروع ڪئي، اسان سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار ٿيا آهيون.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا پنهنجا هٿيار واپس وٺي رهيو آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي.

افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيارن سبب دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو، ڪي پي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ جي پاڻ به ذميواري قبول ڪري،

پي ٽي آءِ باني ڪنهن جي ڳالهه ناهي ٻڌندو، پنهنجي هلائيندو آهي، هن ملڪ ۾ دهشتگردن کي آباد ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.